ڊاڪٽر ساجده پروين

ڊاڪٽر ساجده پروين

ساجده پروين ڊاڪٽر

ساجده پروين، ڊاڪٽر: نوجوان محقق، اسڪالر، تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم 5 جولاءِ 1982ع تي ڳوٺ مهتاڻا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ عاشق علي بهليم جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد روزگار سانگي ڪراچيءَ رهائش پذير ٿيو. جنهن سبب ساجده سموري تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هن 2007ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. ساڳي يونيورسٽيءَ مان 2015ع ۾ نامور اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي جو عنوان ‘جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ هو.
ساجده پروين 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. جتي هينئر اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ساجده نئين ٽهيءَ جي اسڪالر آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ڪراچي يونيورسٽي طرفان نڪرندڙ ‘ڪلاچي’ تحقيقي جرنل ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ ‘ڪارونجهر’ تحقيقي جرنل ۾ ڇپيل آهن. جن ۾: ‘شاهه وٽ غير جاندار شين جي ڪردارنگاري’، ‘استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري’، ‘سرريئلزم: سنڌي ادب تي ان جو اثر’، ‘ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب ’ ، ‘شيخ اياز جو هائڪو: هڪ مطالعو’ قابل ذڪر آهن.
ساجده پروين، شاهه لطيف جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس سميت ٻين ادبي ادارن جي سيمينارن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو آهي. ساجده ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊي جي 2012ع کان هن وقت تائين ميمبر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز جي بورڊ آف فيڪلٽي جي 2012ع کان ميمبر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي 2014ع کان 2016ع تائين اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر رهي. ساجده پروين جي ماسٽرس جو مونوگراف عنوان ‘شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي رومانوي شاعري (تقابلي جائزو)’ هو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘جي. ايم سيد جون ادبي خدمتون’ 2009ع ۽ ‘جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ قابل ذڪر آهن. هيءُ ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي 2016ع ۾ ڇپرايو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾: جي. ايم سيد ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن، آمريڪا طرفان مڃتا اورڊ (2011ع)، ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ طرفان پي. ايڇ. ڊي ريسرچ اوارڊ (2015ع) ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ طرفان ڪتاب ‘جديد ادبي تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر’ تي مڃتا اوارڊ (2016ع) قابل ذڪر آهن.
ساجده پروين جي شادي انجنيئر غلام رسول مگسيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ مناحل جو اولاد آهي. ساجده پروين، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.07.05  عيسوي

نوجوان محقق، اسڪالر، تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم 5 جولاءِ 1982ع تي ڳوٺ مهتاڻا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ عاشق علي بهليم جي گهر ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ليلارام رچنداڻي
حبيب سنائي
اويس ڀٽو
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
چرنداس سهاڻي
رُڪمڻي سندر چئناڻي
جوڻيجو عبدالقادر
چندو لال جئسنگهاڻي
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
ڪشنچند جيٽلي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون